ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن لاءِ گرمي جي شدت ۾ اضافي جا امڪان آهن.
موسميات کاتي طرفان ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن دوران موسم شديد گرم رهڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن، جنهن سبب پهرين جون تائين ڪراچي ۾ هيٽ ويو جو خطرو آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته شهر ۾ اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 41 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪيو ويو ۽ سڀاڻي گرمي پد 42 سينٽي گريڊ کان به وڌي سگهي ٿو.
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گرمي جي لهر برقرار رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، موسميات کاتي سکر، جيڪب آباد، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي سميت ٻين شهرن ۾ گرمي پد ۾ 6 کان 8 ڊگري تائين واڌ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن.
HeatWave Karachi Pakistan
Next Post
You might also like