ڪوهلي مٿان تنقيد ڪيم ته مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون:سائمن ڊول

نيوزيلينڊ جي اڳوڻي ڪرڪيٽر سائمن ڊول انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃي.
ڀارتي خابرو اداري موجب سائمن ڊول کي آءِ پي ايل دوران ويرات ڪوهلي جي اسٽرائيڪ ريٽ تي تنقيد ڪرڻ تي پرستارن طرفان قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون ملي رهيون آهن.
ڪرڪ بز کي ڏنل انٽرويو ۾ سائمن ڊول چيو آهي ته مان ويرات ڪوهلي لاءِ هزارين سٺيون ڳالهيون ڪري وٺان ڪو ناهي ڏسندو هڪ ناڪاري ڳالهه ڪئي ته مارڻ جو ڌمڪيون ملي رهيون آهن.
اڳوڻي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته ڪنهن تي به ذاتي تنقيد ناهيان ڪندو، منهنجو اهڙو مقصد ناهي، ڪوهلي سان منهنجي سٺي ڳالهه ٻولهه آهي ۽ اسان وچ ۾ ڪو مسئلو ناهي.
ياد رهي ته سائمن ڊول پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم کي به تنقيد جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي، پاڪستاني شوقينن طرفان به سائمن ڊول تي سخت تنقيد ڪئي وئي هئي.

Kohli SimonDoll India

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.