شاهه رخ جي مذهب جو احترام آهي، ضروري ناهي ته مان مذهب مٽايان: گوري خان

بالي ووڊ جي شاهه رخ خان ۽ ڊيزائنر گوري خان جي شادي کي ٽن ڏهاڪن کان به وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي، ڇا اوهان کي خبر آهي ته شاهه رخ خان جي شادي جي شروعاتي ڏينهن گوري جا والدين سندن خلاف هئا.
ماضي ۾ بالي وُڊ ڊائريڪٽر ڪرن جوهر جي شو ۾ ڪافي وڌ ڪرن ۾ به گوري خان پنهنجي مذهب تبديلي جي حوالي سان ڳالهائي چڪي آهي، جنهن جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل آهي.
وڊيو ۾ گوري خان کي رتڪ روشن جي اڳوڻي زال سوزين خان سان گڏ ڪرن جوهر جي پروگرام ۾ ڏٺو ويو.
ان موقعي تي سوال جو جواب ڏيندي گوري خان جو چوڻ هو ته مونکي ائين لڳي پيو ته آريان خان شاهه رخ خان جي مذهب کي فالو ڪري رهيو آهي، هو سدائين ائين چوندو آهي ته مان مسلمان آهيان ۽ جڏهن اها ڳالهه هو منهنجي امان کي ٻڌائيندو آهي ته اها ڏک ڪندي چوندي آهي ته ان جو مقصد ڇا آهي؟ پر اهو سچ آهي.
گوري خان چيو ته شاهه رخ منهنجي مذهب جي توهين نه ڪندو ڇو ته اسان جي زندگين ۾ هڪ توازن قائم ٿيل آهي، مان به هن جي مذهب جو احترام ڪندي آهيان ان جو اهو مطلب ناهي ته مان مسلمان ٿي ويندس، مان ان تي يقين ناهيان رکندي هر شخص انفرادي حيثيٽ رکندو آهي، هر ماڻهو کي هڪ مذهب کي فالو ڪرڻ جو حق آهي.

ShahRukh KingKhan GoriKhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.