پشپا ٽو جي ٻئين گاني رليز ٿيندي ئي ٿرٿلو مچاهي ڇڏيو

سپر اسٽار الوارجن ۽ اداڪارا شميڪا مندانا جي بلاڪ بسٽر فلم پشپا جي سسڪيوئل جو ماڻهن کي بي صبري سان انتظار هو، فلم جي رليز تاريخ جي ويجهو ايندي ئي پرستارن جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ٿيندو پيو وڃي.
پشپا 2 جي پهرين گاني پشپا پشپا رليز ٿيندي ئي سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچاهي ڇڏيو آهي، گانو اپلوڊ ٿيڻ جي مختصر وقت ۾ ڏسندي ڏسندي ئي وائرل ٿي ويو، جنهن کي پرستارن طرفان گهڻو پسند ڪيو ويو.
پهرين گاني جي زبردست پذيرائي بعد پشپا ٽو جي ٻئين گاني جي رليز جو اعلان پروڊڪشن هائوس دلچسپ طريقي سان ڪيو هو.
ٽي سيريز جي آفيشل يوٽيوب چينل تي فلم پشپا ٽو جي هيروئن اداڪارا رشميڪا منداڻا جو هڪ ٽيزر جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾29 مئي تي فلم جي ٻئين گاني انگارون جو اعلان ڪندي نظر آيو، جنهن بعد اڄ فلم جو ٻيون گانو پرستارن لاءِ رليز ڪيو ويو.
فلم پشپا ٽو جو گانو مختلف ٻولين ۾ رليز ڪيو ويو آهي، جنهن جو هندي ورجن ”انگارون“ آهي.
گانو شريا گهوشال ڳايو آهي، جنهن جا ٻول انگارون ڪا امبر سان لڳتا هٿ ميرا سامي کي پرستارن طرفان وڌيڪ پسند ڪيو پيو وڃي.

Pushpa2 Alwarjon Blockbuster

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.