سانا طرفان شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڪٽنب لاءِ 18 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان

واشنگٽن (پ ر) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ امريڪا (سانا) طرفان 21 مئي تي سنڌ جي شهر ميرپورماٿيلي ۾ قاتلاڻي حملي ۾ شهيد ڪيل بهادر ۽ بيباڪ صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڪٽنب جي ڀرپور مالي سهائتا جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سانا طرفان شهيد صحافي جي چئني ٻارن جي پرائمري کان يونيورسٽي تائين تعليم جي خرچ سان گڏوگڏ ڪٽنب جي مالي سهائتا لاءِ 18 لک رپيا ڏنا پيا وڃن جنهن ۾ سندس قتل جو ڪيس وڙهڻ لاءِ 5 لک رپيا شامل آهن.

سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو، جنرل سيڪريٽري مشتاق راڄپر ۽ انفارميشن سيڪريٽري افتخار ميمڻ گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سانا جي مانائتن ميمبرن طرفان شهيد صحافي جي گهرواري ۽ چئن ٻارن لاءِ ٻن ڪمرن جي گهر جي اڏاوت لاءِ 10 لک رپيا، هڪ سال لاءِ 20 هزار روڪ ماهوار خرچ ۽ شهيد جي قتل جو ڪيس وڙهڻ لاءِ ڪٽنب جي مالي مدد لاءِ پنج لک رپيا ڏنا پيا وڃن.

سانا جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهيد صحافي جي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سانا جي 28 جون تي ڪينيڊا ۾ رٿيل ڪنوينشن ۾ ڀوتاري خلاف هڪ خاص سيشن رکيو ويو آهي جنهن ۾ شهيد نصرالله جي امڙ خاص مقرر هوندي. سانا جي ڪنوينشن ۾ شهيد نصرالله جي قرباني کي ياد ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.

سانا جي صدر مقبول هاليپوٽو جو چوڻ آهي ته مدي خارج ڀوتارڪي راڄ سنڌي معاشري کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، ناظم جوکيو، جان محمد مهر ۽ پروفيسر اجمل ساوند کانپوءِ صحافي نصرالله جو قتل هن مدي خارج ڀوتارڪي راڄ جو تسلسل آهي.

هن چيو ته سنڌ جي سياسي قوتن ۽ سماجي تنظيمن کي ڀوتارڪي راڄ ۽ پٺڀرائي ڪندڙن خلاف جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.