پنجاب حڪومت جو سولر سسٽم مفت ڏيڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز صوبي جي حقدار ماڻهن کي مفت سولر سسٽم فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
حقدار ايس ايم ايس ذريعي رجسٽريشن ڪرائي سگهندا.
دستاويزن موجب ماهوار 100 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ 50 هزار گهراڻن کي مفت سولر سسٽم فراهم ڪيو ويندو ۽ اسمورا خرچ صوبائي حڪومت برداشت ڪندي.
دستاويزن موجب رجسٽريشن لاءِ واهپيدار 8800 تي پنهنجو بل ريفرنس نمبر ۽ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر داخل ڪندا.
ذريعن موجب اها آفر رڳو 100 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ گهراڻن لاءِ هوندي، بجلي چوري، ميٽر ٽيمپرنگ رڪارڊ يا ڪنهن ٻي اسڪيم مان فائدو کڻندڙ گهراڻن کي سولر سسٽم نه ملندو.

maryamnawaz pmln punjab

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.