شاهه رخ خان جي واچ جي قيمت پرستارن کي حيران ڪري ڇڏيو

بالي ووڊ ۾ رومانس جو بادشاهه شاهه رخ خان سدائين ڪنهن نه ڪنهن طرح سرخين جو حصو بڻجندي ڏٺو ويندو آهي.
هن دفعي به ان لکين پرستارن جو ڌيارن پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو آهي، پر هن ڀيري ڪنهن فلم جي ڪري نه پر ٻانهن ۾ پاتل واچ جي ڪري ٿي آهي.
آءِ پي ايل 2024 جي فائنل ۾ شاهه رخ خان جي ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز سن رائزر حيدرآباد کي آساني سان شڪست ڏئي ڇڏي، مئچ بعد شاهه رخ خان گهڻو خوش نظر آيو.
مئچ جي آخر ۾ ڪنگ خان آءِ پي ايل فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جي جشن ملهائڻ ۾ مصروف هو.
هو بليڪ ٽي شرٽ ۽ ڊينم ۾ گهڻو ڊيشنگ نظر اچي رهيو هو ۽ هٿ ۾ پاتل واچ سڀني جو ڌيان حاصل ڪري ورتو.
پرستارن جي ڌيان جنهن شيءَ تي هئي اها شاهه رخ خان جي واچ هئي، جنهن جي قيمت معلوم ڪئي وئي ته واهپيدارن حيران ٿي ويا.
ميڊيا رپورٽ موجب شاهه رخ خان کي لميٽڊ ايڊيشن جي واچ پاتل هئي، جنهن جي قيمت لڳ ڀڳ چار ڪروڙ رپيا ٻڌائي وئي آهي.
واضح رهي ته ان کان پهريان شاهه رخ خان جي مشهور audemars piguet جي واچ پهريل هن تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن جي قيمت به 4 ڪروڙ 70 لک ڀارتي رپيا ٻڌائي وئي هئي.

ShahrukhKhan DabbangKhan KolkataNightRiders

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.