شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل جو ڪيس اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل

گهوٽڪي / ڪراچي (رپورٽ: آزاد مهر+ ويب ڊيسڪ) ميرپورماٿيلو عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ جي فرياد تي ڪرائم نمبر 133.2024. تحت ٻن اڻڄاتل ماڻهن خلاف قتل جو ڪيس داخل ٿي ويو.
ڪيس ۾ تر جي سردارن ۽ ڀوتارن کان ڪيس بابت جاچ ڪري پڇاڻو ڪيو ويندو، جڏهن ته قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي سماجي ڌريون پڻ سراپا احتجاج بڻيل آهن.
لاٽڪي برادري جي عورتن گھوٽڪي پوليس پاران ماڻهن کي کنڀڻ جا پڻ الزام هنيا آهن.

ڪيس داخل

هڪ هفتو اڳ ميرپورماٿيلو ڀرسان قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيڻ بعد شهيد ٿيل عوامي آواز جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي جو ٽيجهو سندس اباڻي ڳوٺ قبول خان گڏاڻي ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ علائقي واسين سميت سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي شهيد جي درجات جي بلندي لاءِ خيرات جو اهتمام پڻ ڪيو ويو.
هوڏانهن شهيد نصرالله گڏاڻي جي مٿان حملي واري واقعي کي هڪ هفتو گذري وڃڻ کان پوءِ شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ مائي پٺاڻي خاتون ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي پهچي ٻن اڻڄاتل ماڻهن مٿان ڪرائم نمبر 133.2024 قلم 302.34.337.120B.506 تحت ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي.
ايف آئي آر ۾ علائقي جي سردارن ۽ ڀوتارن کان ڪيس بابت جاچ ڪري پڇاڻو ڪيو ويندو.
داخل ڪيل ڪيس ۾ شھيد جي ماءُ فريادڻ مسمات پٺاڻي خاتون موقف ڄاڻايو آھي ته پٽ نصرالله گڏاڻي هميشه حق سچ لکندو ۽ ڳالهائيندو هو جنهن سبب علائقي جا سردار ۽ ڀوتار توڻي وڏيرا سندس مخالف هئا جن سازش ڪري کيس قتل ڪرايو آھي.

لاٽڪي برادري جو الزام

ڳڙھي چاڪر جي لاٽڪي برادري جي عورتن پاران گهوٽڪي پوليس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
هنن دانهيو ته گهوٽڪي پوليس شهيد نصرالله گڏاڻي جي واقعي ۾ اسان کي ناحق ڦاسائڻ جي ڪوشش پئي ڪري، پوليس گهرن تي چڙھايون ڪري اسان جي نوجوان نثار لاٽڪي سميت 4 ڄڻن کي کنڀي گم ڪيو آھي.
پوليس ذريعن جو چوڻ آھي ته شهيد نصرالله گڏاڻي واري واقعي ۾ پنجاب مان به گرفتاري ڪئي وئي آھي جن کان جاچ هلندڙ آھي.

سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي ۾ تحريڪ امن سنڌ پاران شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

ان کانسواءِ بدين، لاڙڪاڻي، ميهڙ، ميرپورماٿيلي، ڄامشوري، وارهه، ميهڙ سميت ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري جي گهر ڪئي وئي آهي.

جسم پاران هڙتال جو اعلان

جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو 2 جون تي گهوٽڪي ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.

سانا پاران امداد جو اعلان

سانا پاران شهيد نصرالله گڏاڻي جي گهرڀاتين لاءِ 18 لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 5 لک رپيا ڪيس وڙهڻ لاءِ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.