”سرداري دهشت نامنظور“ شهيد نصرالله گڏاڻي جو خون لوڙهڻ نه ڏينداسين: ساڃاهه وند

ڪراچي (ذوالفقار راڄپر+شفقت نوناري ) صحافين، سول سوسائٽي جي نمائندن، سياسي ۽ مزدور اڳواڻن روزاني عوامي آواز ميرپور ماٿيلو جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن لاءِ جوڙيل ”جي آءِ ٽي “ ۽ گهوٽڪي جي ايس ايس پي مٿان بي اعتمادي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته روزاني عوامي آواز ميرپور ماٿيلو جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل جي تحقيقات ۽ قاتلن جي  گرفتاري لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي ختم ڪري سکر، گهوٽڪي ضلعي جي پوليس آفيسرن بدران ٻين ضلعن جي پوليس آفيسرن تي مشتمل هڪ نئين جي آئي ٽي جوڙي ان ۾ گهوٽڪي جي ايس ايس پي کي جوابدار جي حيثيت ۾ شهيد صحافي جو خون لوڙهڻ تي هن کان  پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي، شهيد صحافي جي قتل جي ايف آئي آر ان جي ماءُ جي منشا مطابق ڪٽي قاتلن جي گرفتاري ۾ سستي ختم ڪئي وڃي، شهيد صحافي جي قتل ۽ قاتلن جي گرفتاري نه ٿيڻ ۽ گهوٽڪي پوليس طرفان ڪيس لوڙهڻ جو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڪنهن جج جي سربراهي ۾ هڪ تحقيقي ڪميٽي جوڙي وڃي، سنڌ حڪومت شهيد نصرالله گڏاڻي جي خاندان جي ڪفالت ۽ ٻارن جي پڙهائي لاءِ فوري طور هنگامي فنڊ جو اعلان ڪري. اهڙا مطالبا ڪالهه سومر ڏهاڙي نصر الله گڏاڻي جي   شهات ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ روزاني عوامي ميڊيا گروپ پاران ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهري ۾ ڪيا ويا، روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، روزاني هلچل جي چيف ايڊيٽر يونس مهر، جيئي سنڌ محاذ جي رياض چانڊيو، جيئي سنڌ محاذ جي عبدالخالق جوڻيجو، پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آئي ) جي اڳواڻ حليم عادل شيخ، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ پرهه سومرو، جيئي سنڌ قومي محاذ  جي الاهي بخش بڪڪ، عوامي تحريڪ جي ڪاشف ميربحر، نيشنل مزدور فيڊريشن جي ناصر منصور، عبدالخالق زردان، سنڌ عوامي سٿ جي رياض کيمٽيو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي خير محمد مگسي،اين ڊي پي چيئرمين ممتاز بروهي،ڪراچي سوشل فورم جي چيئرمين محبوب عباسي،اڳوڻي ايم اين اي ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ نثار پنهور،جماعت اسلامي اڳواڻ مجاهد چنا،وڪيل امداد چاچڙ،سنڌي شاگرد تحريڪ جي نويد عباس ڪلهوڙو،ايوب مهر،ايس ايس او جي مرڪزي صدر گلاب راءِ،صحافي ظهير خان پٺاڻ،جميل چانڊيو،اصغر بروهي،هدايت الله لاکو،عنايت قمبراڻي،محمد علي نقرچ،عوامي آواز جي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر حميده گهانگهرو، عوامي آواز جي نيوز ايڊيٽر مدثر سنگراسي، سارنگ زين چانڊيو،ولي ناريجو، عامر خٽڪ، وليد، ثاقب، گلبهار گاڏهي،علي گل سومرو، ثاقب سنديلو،وقاص سنديلو،سرمد ادل،فرقان،حفيظ ڦلپوٽو سميت سول سوسائٽي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،ان موقعي تي روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ ڳالهائيندي چيو ته اسان کي روزاني عوامي آواز جي دلير ۽ بي باڪ صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل جي تحقيقات ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ جوڙيل ڪميٽي تي اعتماد نه آهي ۽ ايس ايس پي سمير نور چنا قاتلن سان ملي شهيد ٿيل صحافي جو قتل لوڙهي رهيو آهي، ان لاءِ سکر ۽ گهوٽڪي ضلعي کان ٻاهر جي پوليس آفيسرن ۽ ٻين تي مشتمل هڪ نئين جي آئي ٽي جوڙي وڃي ۽ نصرالله جي ماءُ جي مرضي موجب قاتلن خلاف ايف آئي آر داخل ڪري فوري طور قاتل گرفتار ڪيا وڃن، نصرالله جي قتل کي لوڙهڻ لاءِ ڪوڙي پروپيگنڊا به ڪئي پئي وڃي جڏهن شهيد صحافي جي والده ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪرائڻ لاءِ وئي ته ايس ايڇ او مٿان کان آيل هدايت مطابق ٿاڻو ڇڏي ڀڄي ويو،مقامي پوليس قاتلن سان ملي شهيد جي قتل جو ڪيس خراب ڪرڻ جي سازش تي ڪم ڪري رهي آهي، پي ٽي آئي جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ سول حڪومت جو وجود نه آهي، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه چيف مارشلا بڻجي ڪرسي تي ويٺل آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ پڪي جا ويٺل ڌاڙيل ڪچي جي ڌاڙيلن جا ساٿاري بڻيل آهن، جن کي آزاد صحافت ۽ سچ لکندڙ صحافين جي بي باڪي برداشت نه ٿي ٿئي ان لاءِ نصرالله کي قتل ڪرائي ٻين لاءِ اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته خاموش ٿي ويهي رهو ۽ ڪوبه سرداري نظام ۽ ڪرپشن خلاف پنهنجو آواز بلند نه ڪري پر شهيد نصرالله گڏاڻي جو وهايل رت ضايع نه ٿيندو ۽ پ پ جي ڀوتارڪي حڪومت کان هڪ ڏينهن پڇاڻو ٿيندو، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو چيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت  رياستي ادارن سان ملي ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ آڏو رڪاوٽون وجهڻ لاءِ ڀوتارن، ڌاڙيلن کي پالي رهي آهي، نصرالله گڏاڻي  جي قتل ۾ پيپلزپارٽي ملوث آهي، جنهن هن وقت تائين جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ڪيا آهن،روزاني هلچل جي چيف ايڊيٽر يونس مهر چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي شهيد نصرالله جي قتل، قاتلن جي گرفتاري لاءِ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي، سردار ۽ ڀوتارن جا ڌاڙيل ۽ ڪرائي جا قاتل آزادي سان ٻارن ، ٻڍن، عورتن ۽ پڙهيل لکيل شهرين کي اغوا ڪري کين قتل ڪري رهيا آهن، ان ڪري سنڌ پوليس ڄاڻي واڻي  صحافين ۽ ٻين شهرين جي قاتلن کي گرفتار نه ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت کي فوري طور شهيد ٿيل صحافي جي خاندان جي ڪفالت ۽ ٻارن جي پڙهائي لاءِ فوري طور تي هڪ فنڊ جاري ڪرڻ گهرجي، جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ سنڌ ۽ ان جي زمينن ۽ وسيلن تي مڪمل قابض ٿيڻ لاءِ هٿرادو سردار ۽ ڌاڙيل پيدا ڪيا آهن، رياستي ادارن اول شهرن ۾ دهشتگرد پيدا ڪيا ۽ هاڻي سردار ۽ ڌاڙيل پيدا ڪري انهن جي هٿان نصرالله، جان محمد مهر جهڙن صحافين جو قتل عام ڪرائي رهيا آهن، جنهن جو هن ملڪ کي نقصان پهچندو، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته اسلام آباد وارن کي سنڌ کي تباهه ڪرڻ، صحافين ۽ شهرين جي قتل ۽ اغوائون ڪرڻ واري پاليسي ختم ڪرڻي پوندي، نه ته ان جا نتيجا خراب نڪرندا،شهيد نصرالله جي قتل جي ايف آئي آر ان جي والده جي مرضي تحت ڪٽي وڃي، مزدور اڳواڻ ناصر منصور چيو ته نصرالله جو قتل صحافت کي قتل ڪرڻ جي برابر آهي، سنڌ ۾ پي پي پي حڪومت اغوائن، ڦرين، بي روزگاري ۽ چونڊ صحافين جو قتل  عام ڪرائي رهي آهي، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ پرهه سومرو چيو ته جيڪي سردار، ڀوتار نياڻين کي سڱ چٽي ۾ ڏئي ڪاروڪاري جو ڪاروبار ڪري سنڌ ۾ عورتن جو قتل ڪرائي  ڪرائي رهيا آهن، انهن ئي پ پ حڪومت  جي ڏنل آزادي تحت نصرالله کي قتل ڪيو آهي.سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ خير محمد مگسي چيو ته سنڌ کي يرغمال بڻيو ويو آهي، پ پ سرڪار کي سڀ خبر آهي ته نصرالله جي شهادت ۾ ڪير ملوث آهي، هن جي شهادت سنڌ جي شعور مٿان حملو آهي، روازني عوامي آواز جي نيوز ايڊيٽر مدثر سنگراسي، سارنگ زين چيو ته نصرالله روزاني آواز جي ڪٽنب جو هڪ بهادر ڀاتي هو، جنهن جو خون لوڙهڻ نه ڏبو ۽ اسان قاتلن جو ان وقت تائين پيڇو ڪنداسين جيستائين اهي گرفتار ٿي سزا نه کائن، اسان جو هي احتجاج سنڌ ۾ صحافين جي طاقت ۾ تبديل ٿيندو. حميده گهانگهرو، عبالخالق زردان، مقصود يوسفي، رياض کيمٽيو، محبوب عباسي، عوامي تحريڪ جي ڪاشف ملاح، سنڌي شاگرد تحريڪ جي نويد ڪلهوڙو، ڪامريڊ زهرا يوسف  ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته نصرالله سردارن ۽ ڀوتارن خلاف جيڪو نعرو ڏئي ويو آهي، اهو هاڻي سنڌ جي قومي نعري ۽ نفرت ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جنهن جا اڳتي هلي اڃان وڏا اثر پيدا ٿيندا، ۽ انهن سردارن ڀوتارن ئي بهادر صحافي نصرالله جو قتل ڪيو آهي، جنهن کي سنڌ حڪومت گرفتار نه ڪري رهي آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري به هن مسئلي تي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي، هنن  چيو گهوٽڪي جو ايس ايس پي قاتلن ۽ سردارن سان ملي صحافي جو خون لوڙهڻ چاهي ٿو، اسان کي هن مٿان اعتماد ۽ ڀروسو نه آهي، هن جي شڪي بيانن ۽ قاتلن جي گرفتاري تي اختيار ڪيل ڪن لاٽار هن کي ڪيس ۾ شڪي بڻائي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن تي قبضو ڪرڻ لاءِ 15 سالن کان سنڌ ۾ اقتدار تي ويٺل پ پ حڪومت رياستي ادارن جي ايجنڊا تحت سنڌ ۾ ڀوتارن، سردارن ۽ ڌاڙِيلن جو راڄ قائم ڪرڻ مڪمل طور سهڪاري ڪردار ادا ڪندي  سنڌ دشمن منصوبن ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻيل آهي، شهيد نصرالله ان بربريت، ڀوتارن، سردارن ۽ پوليس جي زيادتين خلاف آواز بلند ڪيو ۽ هو آخري دم تائين هڪ بي باڪ بهادر صحافي جي حيثيت ۾ انهن کي بي نقاب ڪندو رهيو. هنن چيو  اسان روزاني عوامي آواز سٿ ۽ ڊاڪٽر جبار خٽڪ کي جس ڏيون ٿا جنهن پنهنجي اداري جي شهيد ٿيل صحافي جي ڪيس ۽ خاندان جي پوئيواري ڪئي آهي،احتجاج ۾ شامل صحافين، سول سوسائٽي، سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿ ۾ شهيد نصرالله جي تصويرن وارن بينر،”سردار مائي فُٽ“ جا پلي ڪارڊ کڻي نعريبازي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.