الخدمت وومين تحت ٻارن ۽ عورتن لاءِ غزا پيڪنگ ڊرائيو جي شروعات

لاهور (پ ر) الخدمت فائونڊيشن وومين ونگ غزا جي جنگ سبب متاثر ٻارن ۽ عورتن لاءِ ٽن ڏينهن جي غزا پيڪنگ ڊرائيو جي شروعات ڪري ڇڏي.

الخدمت ڪامپليڪس ۾ جاري ٽن ڏينهن جي پيڪنگ ڊرائيو ۾ الخدمت فائونڊيشن ونگ پاڪستان جي صدر ڪلثوم فاطما رانجها، سيڪريٽري جنرل سميعه سلمان، مختلف يونيورسٽين جي شاگردياڻين ۽ ٻين ذميدارن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ عورت رضاڪارن شرڪت ڪري رهيون آهن.

ان موقعي تي الخدمت وومين ونگ پاڪستان جي صدر ڪلثوم فاطما رانجها ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسرائيلي ظلمن ۽ بمباري سبب هزارين ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ 70 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار شامل آهن. تقريبن هڪ لک ڳورهاريون عورتون آهن.

الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جتي غزا جي مصيبت سٽيل ڀينرن ۽ ڀائرن ۽ عورتن جون ضرورتون جيئن پريگنينسي ڪٽس، بي بي ڪٽس ۽ هاءِ جين ڪٽس تي ٻڌل امدادي سامان موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي تيئن غزا پيڪنگ ڊرائيو ان ئي ڪوشش کي اڳتي وڌائي رهي آهي.

هن چيو ته غزا ۾ اسان جي فلسطيني ڀينرون، ڌيئرون ۽ ٻار تڪليف ۾ آهن ۽ الخدمت وومين ونگ تحت غزا پيڪنگ ڊرائيو جو مقصد انهن مظلومن تائين اهو احساس پهچائڻ آهي ته پاڪستان جا ٻار ۽ عورتن ساڻن گڏ آهن.

صدر الخدمت وومين ونگ ٻڌايو ته شاگردياڻين ۽ رضاڪارن غزا متاثرن لاءِ امدادي سامان جي پيڪنگ لاءِ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرايو آهي ۽ پيڪنگ جو اهو سلسلو ٽن ڏينهن تائين جاري رهندو.

ان موقعي تي الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل سيد وقاص جعفري به غزا پيڪنگ ڊرائيو جو دورو ڪيو ۽ الخدمت وومين ونگ جي غزا جي ٻارن ۽ عورتن لاءِ جذبات، ڪوششن ۽ اپائن جي ساراهه ڪئي. سيد وقاص جعفري چيو ته پيڪنگ کانپوءِ مدر اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن ڪٽس سميت ٻيو امدادي سامان ڪراچي پورٽ پهچندو جتان ان کي غزا لاءِ روانو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.