شانگلا: جيپ کاهيءَ ۾ ڪري پئي، هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا فوت

شانگلا (ويب ڊيسڪ) شانگلا ۾ جيپ کاهيءَ ۾ ڪري پئي، هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پوليس موجب واقعو تحصيل الپوري جي علائقي پاگوڙي ۾ پيش آيو، جتي تيز رفتاري سبب جيپ کاهيءَ ۾ ڪري پئي.
حادثي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ٻن زخمين اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ٽريفڪ حادثي ۾ قيمتي انساين جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي فوتين جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

Traffic Incident MohsinNaqvi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.