ڊگهو سفر ڪرڻوارا هي بال پاڻ سان گڏ ضرور رکن

ٽرين جو سفر هجي، جهاز جي اُڏام يا بس ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر وڃڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهڻو هجي ته هڪ شئي اوهان جي سامان ۾ لازمي هئڻ گهرجي.
اِها شئي آهي هڪ ٽينس بال جنهن جو فائدو دنگ ڪري ڇڏيندڙ آهي.
جي ها واقعي، ظاهري طور هي عام بال ڊگهي سفر دوران زندگي آسان بڻائڻ ۾ لاڀائيتو ثابت ٿي سگهي ٿو.
پر اِها ڳالهه پنهنجي ذهن جي خاني ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو ته سفر دوران اوهان کي بال سان کيڏڻو نه آهي يعني جهاز، ٽرين يا بس جي ڪيبن جي ڀت تي هڻڻو ناهي پر ان کي ڪنهن ٻئي طريقي سان استعمال ڪرڻو آهي.
گهڻي دير تائين هڪ جاءِ تي ويهڻ سان صحت تي ناڪاري اثر پوندا آهن ۽ اِهو ئي سبب آهي جو ٽرين، جهاز يا بس جو ڊگهو سفر ڪا به صحت مند سرگرمي ناهي.
بسن ۾ته چهل قدمي به ممڪن ناهي هوندي جڏهن ته ٽرين ۾ برٿ نه هجي ته پوءِ سڄو سفر هڪ جاءِ تي ويهي گذارڻو پوندو آهي جڏهن ته جهاز ۾ به رڳو سيٽون ئي هونديون آهن.
ڊگهو سفر دوران مسلسل هڪ هنڌ ويهڻ دوران رت جي گردش متاثر ٿيندي آهي.
ماهرن موجب، سفر دوران ٽينس بال رت جي گردش کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته بال کي ڄنگهن ۽ پيرن جي هيٺان رکي ٿورو طاقت سان گهمايو ۽ بس، ائين ڪرڻ سان رت جي گردش بهتر ٿي ويندي آهي.
سٺي ڳالهه اِها آهي ته هي بال پاڻ سان کڻڻ لاءِ گهڻي تڪليف جي به ضرورت ناهي،اِهو سولائي سان ڪنهن به ٿيلي يا کيسي ۾ رکي سگهو ٿا.
اِهو سادو طريقيڪار سفر دوران جسماني صحت جي عام مسئلي کان بچاءُ فراهم ڪرڻ لاءِ اثرائتو ثابت ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.