شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ سراپا احتجاج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
ظلم خلاف آواز اٿاريندڙ بهادر صحافي شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
ڪراچي کان ڪيٽي بندر تائين صحافين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي شهيد صحافي جي تصويرن وارا بينر کڻي احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن ۾ شرڪت ڪئي.
احتجاجي مظاهرن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن پڻ شرڪت ڪري شهيد جي قاتلن جي گرفتاري جي گهر ڪئي.
ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ تي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو.
احتجاج ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ، پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ، جماعت اسلامي سڌ جو اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چنا، رياض چانڊيو، الاهي بخش بڪڪ، پرهه سومرو، زهرا خان سميت وڪيلن، سينيئر صحافين ۽ سول سوسائٽي جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

جماعت اسلامي سنڌ جو اطلاعات سيڪريٽري مجاهد چنا صحافي نصرالله گڊاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج ۾ شريڪ ٿيو.

ان موقعي تي هن چيو ته صحافي نصرالله گڊاڻي هڪ بي باڪ صحافي هو، هن مظلومن جو آواز بڻجي ظالمن کي هر هنڌ للڪاريو. ڏک جي هن گهڙي ۾ مقتول جي وارثن سان ڏک ۾ شريڪ آهيون.

احتجاج ۾ شريڪ اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس ڀوتارن جي سرپرستي ڪري رهي آهي، رياست ۽ سرڪار نالي ملڪ ۾ ڪا شئي ناهي، سنڌ جي شعور جي قتل جي مذمت ڪريون ٿا، چيف جسٽس نصر الله گڏاڻي جي قتل جو نوٽيس وٺي، ملوث قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.
ساماري ۾ جسقم اڳواڻ سارنگ خاصخيلي، وارهه ۾ سرتاج چانڊيو، ٽنڊي غلام حيدر ۾ غلام مرتضيٰ لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.
جروار ۾ شهيد صحافي کي ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ سندس تصوير آڏو گل نڇاور ڪيا ويا، ڪنڌڪوٽ ۾ پير بخش بنگوار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، ڀان سيد آباد، ڌاٻيجي، حيدرآباد، ڪيٽي بندر، ڪوٽڙي، قاضي احمد شهر به شهيد صحافي جي خون سان انصاف لاءِ دانهيو ويو.
احتجاج ڪندڙن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس ۽ ٻين اعليٰ ادارن کان مطالبو ڪيو ته حق سچ لکڻ تي قلم ڌڻين جي قتل جو فوري نوٽيس وٺي قاتلن ۽ سرپرستن کي گرفتار ڪري شھيد نصرالله گڏاڻي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ صحافين کي تحفظ ڏنو وڃي.

nasrullahgadani awamiawaz sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.