اوٻاوڙو (ويب ڊيسڪ) اوٻاوڙي ۾ ڳوٺاڻن زمين تي قبضي ۽ هٿياربندن جي حملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ڳوٺ الهيار ڀٽو واسي مير احمد ڀٽو، رفيق ڀٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي الزام هنيو ته صالح محمد ڀٽو، الهداد ڀٽو جي 20 کان مٿي هٿياربندن اسان مٿان حملو ڪري اسان جا 9 ماڻهو زخمي ڪري ڇڏيا آهن، زمين به اسان جي آهي ۽ حملو به اسان تي ڪيو ويو آهي، جوابدار بااثر هجڻ سبب پوليس انهن خلاف ڪو ايڪشن نٿي وٺي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي، گڏوگڏ اسان جي زمين تان قبضو به ختم ڪرايو وڃي.
You might also like