ورلڊ ڪپ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏينهن، ڪپتان بابر جي نائب جو فيصلو نه ٿي سگهيو!

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جو هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن ضرورت پوڻ ڪپتان بابر اعظم جي نائب بابت فيصلو ڪري سگهي ٿو.
قومي ٽيم جي ست رڪني سليڪشن ڪميٽيءَ جا ڇهه ميمبر يورپ جي دوري لاءِ ڪنهن به رانديگر کي نائب ڪپتان مقرر ڪرڻ جي مخالفت ڪئي جنهن سبب ڪنهن به رانديگر کي نائب ڪپتاني جي آڇ نه ڪئي وئي پر ان باوجود سوشل ميڊيا تي مختلف نالا گردش ڪندا رهيا.
پي سي بي سليڪشن ڪميٽي جي ذريعن موجب، گذريل ڇهه رڪني سليڪشن ڪميٽي طرفان قومي ٽيم جي ڪپتاني ۽ نائب ڪپتاني واري معاملي کي غلط طريقي سان هينڊل ڪرڻ سبب موجودا سليڪشن ڪميٽي يورپ جي دوري ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪنهن به رانديگر کي بابر اعظم جو نائب مقرر نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ڪنهن به رانديگر کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ نائب ڪپتاني جي آڇ ناهي ڪئي وئي.
ذريعن موجب، سليڪشن ڪميٽي طرفان فيصلو ڪيو ويو آهي ته هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن ۽ ساڻس گڏ موجود ٽيم مئنيجمينٽ ضرورت پوڻ تي ڪنهن کي به نائب ڪپتان بڻائي سگهي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر اعظم جي گرائونڊ ڇڏڻ جي صورت ۾ گيري ڪرسٽن وٽ سمورا اختيار آهن هو جنهن کي چاهي نائب ڪپتان مقرر ڪري سگهي ٿو.
ذريعن موجب، جڏهن شاهين آفريدي کي نيوزيلينڊ خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کان اڳ ڪپتاني تان هٽايو ويو ته هڪ ٽيم آفيشل ساڻس رابطو ڪري نائب ڪپتاني بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.
ان وقت پيدا ٿيل صورتحال جي حوالي سان سليڪشن ڪميٽي جي هڪ ميمبر طرفان اِها تجويز پيش ڪئي وئي هئي ته معاملي کي ختم ڪرڻ لاءِ نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ شاهين آفريدي کي نائب ڪپتاني ڏيڻ گهرجي پر باظابطا طور شاهين کي ٽيم انتظاميا طرفان اهڙي ڪائي آڇ نه ڪئي وئي هئي.

GreyKristen PCB Pakistancricketteam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.