خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ 23 دهشتگرد مارجي ويا، 5 جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه ۾ 3 مختلف آپريشن ڪندي 23 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب پشاور ۾ ڪارروائي دوران 6 دهشتگرد ماريا ويا، ٽانڪ ضلعي ۾ آپريشن ڪري 10 دهشتگردن کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ٽيون آپريشن خيبر ضلعي جي علائقي باغ ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ فورسز 7 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته ٻه دهشتگرد زخمي ٿيا.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب ٽئين آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 بهادر سپاهين شهادت ماڻي.
بيان ۾ چيو ويو ته شهادت ماڻيندڙن ۾ ڪهوٽه سان واسطو رکندڙ 32 ورهين جو نائيڪ محمد اشفاق بٽ، ضلعي پونڇ جو رهواسي 30 ورهين جو لانس نائيڪ سيد دانش افڪار، ليه ضلعي جو 32 ورهين جو سپاهي تيمور ملڪ، پونڇ جو 22 ورهين جو سپاهي نادر صغير، خوشاب ضلعي جو 23 ورهين جو محمد ياسين شامل آهن.

kpk ispr pakarmy

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.