سينيئر اداڪار طلعت حسين لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊرامن، فلمن، ريڊيو ۽ ٿيٽر جو مقبول ايوارڊ يافتا سينيئر اداڪار طلعت حسين ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
اداڪار طلعت حسين ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، ان کان اڳ سينيئر اداڪار طلعت حسين جي ڌيءَ تزئين حسين ٻڌايو هو ته سندس پيءُ جي طبعيت بهتر ٿيڻ لڳي آهي.
اداڪار فيصل قريشي ۽ سندس زال ثنا قريشي تصديق ڪئي هئي ته سينيئر اداڪار طلعت حسين ڊيمنيشيا جو شڪار آهي.
طلعت حسين 1940 ۾ ڀارت جي شهر دهلي ۾ پيدا ٿيو، سندس عمر 84 سال هئي ۽ هن اڌ صدي فن کي ڏني آهي، سندس زندگي جو اڪثر حصو اداڪاري، صداڪاري ۽ فنڪاري ۾ گذريو.
طلعت حسين 1970 کان ننڍي عمر ۾ ئي اداڪاري شروع ڪئي هئي پر کيس شهرت 1970 کان ملڻ شروع ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.