اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سينيئر اداڪار طلعت حسين جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف بيان ۾ چيو ته طلعت حسين پنهنجي اداڪاري سان ڊراما ۽ فلم شوقينن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي.
هن چيو ته ٽي وي، ٿيٽر، فلم ۽ ريڊيو لاءِ طلعت حسين جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، طلعت حسين جي لاڏاڻي سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اُهو ڪڏهن به نه ڀرجي سگھندو.
shahbazsharif pmln talathussain