حڪومت ۾ شموليت کان انڪار ناهي ڪيو، سٺن ڪمن ۾ ساٿ ڏينداسين: گيلاني

لاهور (ويب ڊيسڪ) وقتي صدر يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسان حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ناهي ڪيو، حڪومت جي سٺن ڪمن ۾ ساٿ ڏينداسين.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته اسان ڪڏهن به ناهي چيو ته حڪومت سان گڏ ناهيون، حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مسلم ليگ (ن) سان ڳالهيون هلي رهيون آهن.
هارين بابت ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين چيو ته هارين جي معاملي ۾ وچ وارن پيسا ڪمائي ورتا، ان سان هارين جو نقصان ٿيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي هارين جي حق ۾ آهي، جڏهن بجيٽ ٺاهينداسين ته پيپلز پارٽي پنهنجي ان پاليسي موجب حڪومت کي صلاح ڏيندي، جيڪا به بجيٽ پيش ڪئي وڃي اها نوجوان ۽ هاري دوست هجڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.