پشاور ۾ فورسز جي آپريشن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، ڪيپٽن ۽ حوالدار شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز پشاور ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو، آپريشن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي ڳولا ڪئي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪيپٽن حسين جهانگير ۽ حوالدار شفيق الله شهادت ماڻي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب ڪيپٽن حسين جهانگير آپريشن جي قيادت ڪري رهيو هو، جنهن جو واسطو رحيم يار خان سان هو، جڏهن ته 36 ورهين جي حوالدار شفيق الله جو واسطو ڪرڪ سان آهي.

ispr pakarmy pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.