نصرالله گڏاڻي جي ناحق خون تي ڀوتارن ۽ سردارن خلاف شديد ڪاوڙ جي لهر

گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو(آزاد مهر+پريم راٺوڙ)عوامي آواز ميرپور ماٿيلو جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيا ، سنڌ جي مختلف سياسي ، سماجي اڳواڻن سان گڏ قوم پرست ڌرين جا اڳواڻ شهيد نصرالله  گڏاڻي جي تڏي تي پهچي سندس وارثن سان عذر خواهي ڪري ڏک جو اظهار ڪيو،قوم پرست اڳواڻ سيد زين شاھ ، نالي واري شاعر مهر ڊٻائي ، ڊاڪٽر نويد مهر ، صحافي مشتاق سرڪي ، شوڪت نوناري ، آزاد مهر ۽ ٻين ڳوٺ قبول خان گڏاڻي پهچي سندس وارثن سان عذر خواهي ڪري ڏک جو اظهار ڪيو ، جڏهن ته عذرخواهي بعد مختلف سياسي ، سماجي اڳواڻ شهيد نصرالله گڏاڻي جي مزار تي پڻ گلن جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي، ان موقعي سيد زين شاھ ميڊيا سان ڳالھ ٻول ڪندي چيو ته سنڌ جي ان آواز کي خاموش بڻايو ويو آهي، جنهن سدائين ماروئڙن جو آواز اعلي ايوانن تائين پهچايو. هو حق جي راھ تي بيٺل صحافي جنهن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي پنهنجي شعبي جو نالو روشن ڪري ويو آهي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته شهيد صحافي تي حملي کي اڄ 5 ڏينهن گذري چڪا آهن، پر هن وقت تائين ڪو به حملي آور گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، ۽ پوليس انتظاميه اگهور ننڊ ۾ ستل آهي، اسان سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيون ٿا فل فور سوموٽو وٺي جلد جوبدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. مشتاق سرڪي چيو ته شهيد نصرالله جھڙا بھادر ماڻهو ورلي ڄمندا آھن، نصرالله گڏاڻي کي شھيد ڪندڙ ضرور لڄي ٿيا ھوندا ڪلھ جڏهن شهيد جي جنازي  نماز ۾ ماڻهن جو سمنڊ ڏسي، مشتاق سرڪي چيو ڪلھ جنازي تي نه پھچي سگھيس ۽ آءُ شھيد جي خرچ لاءِ ڪراچي جي اسپتال ۾ ڏھ لک ڏنا جيڪي نه ورتا ويا انھن پئسن جو شهيد نصرالله گڏاڻي جي پونئرن کي گھر ٺھرائي ڏيندس جنهن بعد ڳوٺ مان واپس اچي ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس سامھون نيشنل ھاءِ تي ڌرڻو ڌرڻو هنيو ويو جتي هن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پوليس خون لوڙھڻ چاھي جيڪو ڪڏهن ٿيڻ ڪونه ڏينداسين، ٻئي پاسي  شهيد نصرﷲ گڏاڻي جا قاتل اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا جڏهن ته ميرپورماٿيلو پوليس ملڪ توڙي مختلف برادرين جا 10 کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ لڪائي ڇڏيا آهن ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته انهي ڪيس جي انڪوائري ۾ ڪجھ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري جاچ ڪري رهيا آهيون،۽ ڪوشش آهي ته اصل جوابدارن تائين پهچي سگهون،جڏهن ته شھيد نصر الله گڏاڻي جي ٽيجھو سڀاڻي سومر ڏينھن صبح ڏھين وڳي ڳوٺ قبول گڏاڻي  ۾ ٿيندو.

ڪراچي/حيدرآباد/سکر ( رپورٽر ) ڪراچي پريس ڪلب آڏو ميرپور ماٿيلو جي شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين  جي  تنظيمن پي ايف يو جي ۽ ڪي يو جي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي ڪي يو جي جي صدر سردار لياقت علي، سينيئر صحافي  امتياز فاران،عوامي آواز جي ڊپٽي ايڊيٽر ناصر خٽڪ ڪئي ، احتجاج ڪندڙن شهيد صحافي  نصرﷲ گڏاڻي جي تصوير وارو بينر هٿن ۾ کڻي نعريبازي ڪئي، احتجاج ڪندڙ صحافين  مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. احتجاج ڪندڙ صحافين جو چوڻ هو ته اهڙن واقعن بابت حڪومت پاران سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪرڻ جو مطب آزادي صحافت تي هڪ منظم طريقي جو وار آهي، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن شهيد جان محمد مھر جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي ها ته شهيد نصرﷲ وارو واقعو به نه ٿئي، هوڏانهن پي ايف يو جي، جي سڏ تي اسلام آباد سميت ايڇ يو جي پاران شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڊويزن جي حيدرآباد، دادو، ٺٽو، بدين، ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊو الھيار سميت ٻين ضلعن جي ننڍن وڏن شھرن ۾ قلم ڌڻين جا احتجاجي مظاھرا، ڌرڻا، پريس ڪلبن تي ڪارا جھنڊا چاڙھيا ويا، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس مرڪز پاران شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايڇ يو جي جي صدر اقبال ملاح، جنرل سيڪريٽري جئه پرڪاش موراڻي، خزانچي جاني خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري پريس ڪلب جي عمارت تي ڪارو جھنڊو چاڙھيو ويو. صحافين شھيد صحافي جي قاتلن جي گرفتاري لاء سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ايڇ يو جي صدر اقبال ملاح، جنرل سيڪريٽري جئه پرڪاش موراڻي، خزانچي جاني خاصخيلي ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته صحافين لاء سنڌ کي مقتل گاھه بڻايو ويو آھي. مظاھري ۾ سينيئر صحافي ارشاد چنا، منصور مري، منير نارائي، اشوڪ شرما، نياز وگھيو، اشوڪ راماڻي، فاضل چنا، راجه انور چانڊيو، خادم چانڊيو، مقبول ملاح، ساجد علي خان، نجيب قريشي، حسيب لطيفي، امام علي ڀلائي، راشد لغاري، ونود ڪمار، رياض بجير، ذاڪر لغاري، ھارون آرائين، جاويد چراغ، مجاھد شيخ، ارشد جبار قريشي، سجاد زيدي، نويد قائمخاني، اويس رحماني، اعجاز کوسو سميت ٻيا وڏي انگ ۾ شريڪ ھئا. ھوڏانھن ايڇ يو جي بدين يونٽ پاران تنوير آرائين، شوڪت ميمڻ، ھارون گوپانگ، عطا چانڊيو، ايڇ يو جي ٽنڊو محمد خان يونٽ پاران رمضان شورو، غلام نبي ڪيريو، مظفر رند، قادر شورو، بشير چشتي، ايڇ يو جي ٺٽي يونٽ پاران ضلعي صدر منصور جلالاڻي، پريس ڪلب جي صدر اقبال جاکرو، اسماعيل ميمڻ، خدا بخش بروھي، ڌاٻيجي ۾ ايڇ يو جي جي مرڪزي اڳواڻ مقصود جوکيو، ايڇ يو جي دادو يونٽ پاران مرڪزي اڳواڻ ولي محمد لنڊ، ضلعي صدر گلڻ ڀنڊ، پريس ڪلب جي صدر صابر ڀنڊ، نظام شيخ، ايڇ يو جي ٽنڊو الھيار يونٽ پاران ضلعي صدر امان الله کوکر، غلام رسول نھڙيو، غلام رسول درس، ڀان سعيد آباد پريس ڪلب پاران ذوالفقار مينگل، آصف ميمڻ، پرديپ ڪمار، ڄامشوري ۾ ڌڻي بخش باريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قلم ڌڻين پاران شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاھرا ڪري پريس ڪلبن جي عمارتن تي ڪارا جھنڊا چاڙھيا ۽ فوري قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو  ڪيو،بدين ۾شوڪت علي ميمڻ، عطا چانڊيو، علي محمد شاهاڻي،لالا هارون گوپانگ،تنوير احمد آرائين،رازقڏنو کوسو عبدالشڪور ميمڻ، اختر علي کوسو،ديدار حسين ملاح، نصرت جعفري،حميد سومرو،شاد الطاف ميمڻ،  ڳڙهي حسن ۾ مير حسن مير کوسو امام بخش ڌوئو غلام رباني سرڪي. ڌڻي بخش ڌوئو. رفيق سرڪي، قدير سرڪي عامر سرڪي، گلزار کوسو ،دادو ۾  صابر  علي ڀنڊ،نظام شيخ، گلڻ ڀنڊ، ولي محمد لنڊ، راجه چنه، ادل مهيسر، رضوان غني منگي،  نياز چانڊيو، ارباب رستماڻي، سخي سردار چارڻ، ڪامران ڪورائي، آصف علي سومرو، دانش خشڪ، جاويد لغاري، خالد عباسي، عبدالستار شيخ، شاهد کرل، نديم شاهاڻي، رفيق چنه، علي گل چنه، مشتاق شاهاڻي، علي رضا چنه، اياز جمالي،بلڙي شاھ ڪريم ۾ محمد يعقوب سٺيو،عثمان پنھور،الطاف حسين رند، فرضان علي رند، علي ڏنو رند،اويس ملاح، شعيب بڪيرو،سرمن سمون،جيڪب آباد ۾ ڊسٽرڪٽ يونين آف جرنلسٽ ۽عام انسان تحريڪ  طرفان عابد سنڌي الطاف ميراڻي،لائق سنتوش پنجاپي سومرو ڏاڏو سومرو،اختيار ديناري،جهڏو ۾ اياز کوسو، اشفاق لغاري ،نياز کوسو، محب ڀيل صحافين اسحاق ساگر ڀٽي، سريش ڪمار، شاهد مجيد قائم خاني، خالد صدف، ظهير بشير قائم خاني، عظيم آرائين، نثار آرائين، نور آفتاب ڪلوئي،جوهي ۾  سول سوسائٽي جي سوين ماڻھن ايس يو پي ، جسقم ،پ پ شھيد ڀٽو، ايس ٽي پي ،سنڌي ادبي سنگت ، پي ٽي آءِ ، تحريڪ لبيڪ پاڪستان ، انجمن غلامان اهلبيت ، جوت تحريڪ ،  آبادگار اتحاد ، جوهي سٽي ائڪشن ڪاميٽي، ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن ايم اسماعيل پيرزادو، منظور علي سيال، غُلام قادر لغاري، ڪائونسلر سرائي سانوڻ ٻٻر، شاعر خليل عارف سومرو ، قربان کوکر ، محمد هاشم کوسو ،يونس سولنگي ، سيد علي رضا شاھ ، مجاهد لاشاي ،جهنڊو خان لغاري ، امام علي رستماڻي ، گهايل لغاري ، آس ٻٻر ، سرائي علي اڪبر پنهور،  محمد امين وگهيو ، روشن علي باهوٽو ، عبد الله، کوسو ، ايوب لغاري ، اسلم راز سومرو ، احمد رضا پيرزادو ،جواد پيرزادو،قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران  اڳواڻي ڪامريڊ شوڪت چانڊيو ،عرفان گوپانگ ،عادل چانڊيو ،امجد ڦل وقار شابراڻي  جنگشاھي ۾ عبدالرحيم جوکيو، محمد صالح ميراڻي رانا اقبال، محمد شفيق جوکيو، جهول ۾ غلام قادر ملوڪاڻي، خان محمد خاصخيلي، منٺار فقير ڪوري، منٺار فقير ڪوري، نوابشاهه ۾ جي ڊبليو سي پاران ذوالفقار خاصخيلي ڊاڪٽر رياض آرائين، بيوس سعيد چانڊيو،  لالا تاج رند، امداد مغيري، اڪرم چانڊيو،قاضي احمد ۾ ڊاڪٽر شبير چانڊيو، ايم بي ڏاهري، راجا ساجد انڙ، غلام حيدر بالادي، غلام حيدر انڙ، يحيٰ بختيار ڀٽي، نور الدين قادري، سائل لاکو، عبدالمومڻ جوڻو، ڄام سجاد انڙ، راڻيپور ۾ قربان علي منگي،علي مردان شاهاڻي،عبدالشڪور وساڻ ،عبدالخالق گلال ،سيد زوار حسين شاه عرفان چنو  حاڪم جوکيو،سيٺارجا ۾ علي گل ڪٻر،حسين بخش ڪٻر ، سجاد علي ڪٻر، ذوالفقار علي انصاري، زاهد گل سولنگي، حنيف رضا لنڊ،فاروق علي مڱڻيجو، ڪاشف بلوچ، شوڪت سولنگي،آغا اطهر سهتو ،محمد جميل هيسباڻي سميت غوثيه جماعت جي اڳواڻ مير مهراڻ خان ٽالپر ، شهري اڳواڻ طالب حسين سهتو ، پ پ اڳواڻ غلام عباس نول ، شهري اڳواڻ رسول بخش سهتو ، اميد علي سهتو ، سماجي اڳواڻ خادم حسين هيسباڻي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ وليداد خان لُنڊ ، قومپرست اڳواڻ امتياز احمد لُنڊ ، قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ رحيم سهتو ، سماجي اڳواڻ ولي محمد سهتو ، هومين رائيس واچ پاڪستان جي امير حسين جعفري، شهدادڪوٽ ۾ صحافين رفيق ثمر ڀٽي، فدا ڀٽي، صدام سولنگي ۽ ايس ٽي پي اڳواڻ حيات تونيو، ايس يو پي اڳواڻ الله داد خشڪ،سنڌڙي ۾ ڪاشف علي،  اسد علي، عزيز ساگر، شاهجهان خان،هوڏانهن سکر سماجي فورم صحافي ۽ اديب مجيد نواز مغل، سعيد مغل، طارق پٺاڻ جڏهن ته  سکر يونين آف جرنلسٽس پاران سکر پريس ڪلب آڏو امداد بوزدار، آصف ظهير لوڌي، احقرعلي  رضوي، جلال الدين ڀيو، خالد ٻانڀڻ ، سليم سهتو، جميل مغل، ياسر فاروقي، اظهر دايو، يار محمد سومرو، بخش علي ڦلپوٽو جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوغلام حيدر ۾ غلام مرتضيٰ لغاري،علي بهادر ڪيريو،حافظ مظفر علي ورياھ،حاجي خان پنهور،نظام چانڊيو،پيرعظيم شاھ،کمن لاکو،ٽنڊي ڄام ۾ واجد علي چانڊيو،عبدالستار ڳورڙ، فراز شيخ،شفقت قادري،منصف ٽالپر، اياز گاڏهي جي اڳواڻي ۾،ٽنڊو محمد خان ۾ غلام نبي ڪيريو ، پير احمد سعيد جان سرهندي،ڊاڪٽر جي ايم گل،پير محمد علي جان سرهندي، جسقم اڳواڻ ظهور هاليپوٽو،سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي منور سومرو ، نيڍي آئيز جي اڳواڻ زاهد جسڪاڻي،سينئر صحافي رمضان شورو ،عبدالڪريم شيخ ، مظفر رند،ذوالفقار چانڊيو ، محمد صديق ڇيپا ، زاهد قريشي ، غلام قادر شورو ، عبدالحفيظ ميمڻ ، ساحل اياز ،ٽنڊي الهيار ۾ امان الله کوکر،غلام رسول درس،غلام رسول نهڙيو،فهد قائمخاني،تنگواڻي ۾ عطاءُالرحمان ملڪ، عطاحسين ملڪ ، سائين بخش باجڪاڻي، لطف ملڪ، باري ملڪ،مھتاب ملڪ،ٺٽي ۾منصور جلالاڻي، اقبال جاکرو،ڊاڪٽر شاھد صديقي، اسماعيل ميمڻ،خدا بخش بروھي، وھاب شيخ، رشيد جاکرو، اعجاز واريو، اڪبر دلواڻي، نظير قريشي، حاجن سولنگي، صديق ميمڻ، حافظ مشتاق ميمڻ، ايوب ملاح، يوسف دايو، ھريش ڪمار، واحد شورو، شيراز واريو ڪشمور ۾ غلام فريد ڄامڙو، دليپ ڪمار ڪيسواڻي، غلام حيدر پيرزادو، گلزار احمد مغل ،احمد علي سيال، ماجد علي مزاري ،تاج محمد کوسو، وجي ڪمار ،اصغر چانڊيو ايس ٽي پي اڳواڻ فقير محمد زمان دايو، رفيق احمد چنا، سٽيزنس ويلفيئر ايڪشن ڪاميٽي چيئرمين غلام مجتبيٰ لانگاهه، شھري ايڪشن ڪاميٽي چيئرمين حاڪم علي ڀٽي، عطاءالله ڪنڀر جي اڳواڻي ۾،خيرپور ۾ جساف پاران سجاد سولنگي،ڪاشف سنڌي، زيد ڦلپوٽو، حمير سنڌيار جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،ڪڍڻ ۾  بابو کوسو، رضا محمد شاھ ،عبدالغفور چانڊيو  الله بچايو، پارس صابر حسين چانڊيو، غلام حيدر ملاح،  حسن علي شاھ، شاھد نوتيار، طالب ٿيٻو،عبدالوھاب پٺاڻ، محمد ايوب کٽي، عبدالخالق آرائين محمد خان، کيبر ۾ جسقم ضلعي مٽياري پاران سجيل سنڌي، ذوالفقار ڏيٿو، مظهر انڙ، شهزاد سنڌي جي اڳواڻي ۾ سجاول ۾ سينئرصحافي هدايت الله کٽي ۽ منظور ميمڻ،شهري اتحاد جي صدر اياز ميمڻ شهيد ڀٽو گروپ جي نثار ميمڻ ايس ٽي پي جي ضلع صدر جمن سنڌي سيرت ڪميٽي جي اڳواڻ حافظ رياض احمد ميمڻ، ھندو پنچائت جي صدر ڊاڪٽر ھوت چند، منظور ميمڻ ،شبير احمد سمون، گل حسن رند، ممتاز علي لغاري، نظير احمد لغاري، محمد خان پٺاڻ ،حنيف ملاح ، حفيظ الرحمان ميمڻ ، نديم شھزاد کٽي ، عمران علي کٽي ، مصطفيٰ سومرو، محمد خان تارڙو،کوسڪي ۾ محمد قمر ڪمبوھ ڊاڪٽر آسن ريٻاري الھبخش ڪپري، غلام  رحيم بلوچ، آفتاب بلوچ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،اڳواڻن چيو ته رياست جي ناڪامي سبب قانون نه ھئڻ ڪري ڀوتارڪي سرداري نظام ڏينھون ڏينھن طاقتور ٿي رھيو آھي جنھنڪري حڪومتي رٽ بي اثر ثابت ٿي ويو آھي صحافين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بنا دير شھيد صحافي نصراللّٰه گڏاڻي جي ڪرائي جي قاتلن سميت ماسٽر مائينڊ اصل قاتل سردار ۽ ڀوتارن گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏيئي شھيد صحافي جي وارثن سان انصاف ڪري ڪوٽڏيجي ۾ ڌرڻو هڻي پوليس جي نااھلي ۽ ڀوتار ڪي نظام خلاف نعريبازي ڪئي وئي،ان موقعي تي صحافي ثناء الله بگٽي احمد علي رند امان الله بگٽي،ھمٿ تمراڻي سليم لنڊ خطاب ڪيو،ڪنب ۾ ڀوتارڪو نظام نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا احمد علي رند،همت علي تمراڻي،سليم رضا لنڊ خطاب ڪندي چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ ڀوتار ڪو نظام آهي صحافي نصر الله گڏاڻي کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي ايس ايس پي گهوٽڪي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويو آهي گهوٽڪي پوليس ڀوتارن جي ونگارو بڻيل آهي شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي لاش مٿان ڪراچي کان سندس آبائي ڳوٺ تائين وک وک تي گلن جي ورکا ۽ ڀوتارڪي نظام خلاف سنڌ جي عوام مرده باد جا نعره لڳائي ڀوتارن جي منهن تي چماٽ هڻي ڇڏي آهي،ڪنري ۾ عبدالمجيد ميمڻ، رمضان خاصخيلي، عبدالمنعم خان، وسرام چند مڪواڻا، راجا اسد علي، انيل ڪمار مڪواڻا، نور مھر ،لاڙڪاڻي ۾ انور علي ابڙو عبدالوحيد  ابڙو ، حسين بخش ابڙو ، عبدالھادي ڀنگر،مجاھد  علي ڪھلوڙو  ملير ۾ حنيف سومرو ۽ سيد رحيم شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،مٺياڻي ۾ فياض علي شيخ ،نبي بخش مستوئي ،بشير احمد سولنگي ، تنوير ملڪ ، عاقب چانڊيو،نارو چونڊڪو ۾ طالب حسين ڀنڀرو، حب علي گوپانگ، حاجي خان ڀنڀرو وحيد چانڊيو، عاشق علي سهتو، آدم علي، ارشد حسين ڀٽي، ربنواز خاصخيلي، پرويز علي ڀنڀرو، منور علي ڀنڀرو، محمد يوسف ملاح، علي حسن ملاح،نصيرآباد ۾عبدالجبار منگي، احمد بخش ڏيپر، جي ايم مسڻ، بشير احمد بروهي، راجا لاشاري، بشير لغاري، اڪرم شيخ، روشن ڀٽي، الطاف ڪانڌڙو، ،شھري اتحاد نصيرآباد جي صدر معشوق علي  ڦلپوٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.