ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان هاردِڪ پانڊيا ۽ سندس گهرواري سربيئن اداڪارا نتاشا اسٽينڪووچ ۾ طلاق جي تصديق ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هاردِڪ پانڊيا ۽ سندس گهرواري ۾ طلاق ٿي چڪي آهي جنهن جي نتيجي ۾ هاڻ ڪرڪيٽر جي ستر سيڪڙو ملڪيت نتاشا کي ملندي.
ميڊيا رپورٽن موجب، گذريل هفتي دوران هاردڪ پانڊيا ۽ نتاشا اسٽينڪووچ وچ ۾ عليحدگي بابت افواهه گردش ڪري رهيا هئا.
هاڻ ڀارتي ويب سائيٽ ڪرڪيٽ ون دعويٰ ڪئي آهي ته جوڙي هڪٻئي کان طلاق وٺڻ کانپوءِ باظابطا عليحدگي اختيار ڪري ورتي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، طلاق کانپوءِ نتاشا هاردڪ جي ستر سيڪڙو ملڪيت جي مالڪياڻي بڻجي ويندي، جڏهن ته طلاق جو فيصلو هاردڪ پانڊيا جو آهي، هو نتاشا کان عليحدگي چاهي پيو.
HardikPandya NatasaStankovic Divorce