بجلي جو معاملو اسان جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهي: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مڪاني کاتن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي ۾ اجتماعي سزا جو قانون ڪي اليڪٽرڪ لاڳو ڪيو، هڪ جي سزا سڀني کي نٿي ڏئي سگهجي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جون پاليسيون اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهن، اهو ڪهڙو طريقو آهي ته ڪير بجلي چوري ڪري ته سڄي پاڙي جي بجلي بند ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته بجلي جو معاملو اسان جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهي، تسليم ڪيان ٿو ته ڪو ادارو پنهنجي کيسي مان پئسا خرچ ڪري بجلي فراهم نٿو ڪري سگهي، بجلي چوري جي ڪڏهن به حوصلا افزائي ناهيون ڪندا پر جيڪي ماڻهو بجلي چوري ناهن ڪندا انهن کي ڇو سزا ملي؟

saeedghani ppp karachi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.