ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جي اعلان لاءِ سليڪشن ڪميٽي وڌيڪ هڪ ڏينهن جي مهلت گهري ورتي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي حوالي سان قومي اسڪواڊ جي اعلان ۾ لاءِ وڌيڪ هڪ ڏينهن گهري ورتو آهي.
ذريعن موجب، سليڪشن ڪميٽي ۽ ٽيم مئنيجمينٽ وچ ۾ صلاح مشورو جاري آهي، جڏهن ته سيليڪشن ڪميٽي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ فائنل رانديگرن جو اعلان اڄ ڪرڻو هو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پهرين جون کان آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شروع ٿيندو، قومي ٽيم ۾ 15 رانديگرن کانسواءِ ٽن ريزرو رانديگر کي به شامل ڪيو ويندو.
واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي لاءِ حتمي اسڪواڊ موڪلڻ جي آخري تاريخ 25 مئي آهي، پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن اڃا تائين حتمي ٽيم جو اعلان ناهي ڪيو، ميگا ايونٽ ۾ شامل 20 ٽيمن مان 19 ڪرڪيٽ بورڊز پنهنجي ٽيمن جو اعلان ڪري چڪا آهن.

Pakistancricketteam PCB T20worldcup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.