سون جي اگهه ۾ هزارين رپيا لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾ عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ اڄ مسلسل ٽئين ڏينهن به وڏي لاٿ ٿي وئي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 60 ڊالرن جي وڏي لاٿ رڪارڊ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ان جي نئين قيمت 2355 ڊالر جي سطح تي پهچي وئي.
هوڏانهن مقامي مارڪيٽن ۾ به اڄ ڪاروباري هفتي جي چوٿين ۽ مسلسل ٽئين ڏينهن سون جي اگهه ۾ لاٿ ٿي، في تولي سون جي قيمت 6200 رپيا لاٿ کانپوءِ ٻه لک 42 هزار رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام سون 5315 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 7 هزار 476 رپين جو ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.