پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو ماڻهو هم جنس پرست آهن:ماريا بي جو انڪشاف

مشهور فيشن ڊيزائنر ماريا بي دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان جي فيشن انڊسٽري ۾ موجود 80 سيڪڙو ماڻهو هم جنس پرست آهن.
ماريا بي ڪجهه ڏينهن پهريان هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ فيشن انڊسٽري سميت ٻين معاملن کي کلي ڪري ڳالهايو هو.
ٽرانسجينڊر خلاف ڳالهائڻ جي سوال تي ماريا چيو ته منهنجي برداشت ختم ٿي وئي هئي انڪري ان معاملي تي ڳالهائڻ شروع ڪيو.
هن جو چوڻ هو ته پهريون ڪڏهن به ٽرانس جينڊر ماڻهن جي باري ۾ ناهي ڳالهايو، ڇو ته پهريان اهڙا ماڻهو پنهنجي ذات يا گهر تائين محدود هئا.
ڊيزائنر ٻڌايو ته قرآن پاڪ ۾ لوط جي قوم جو 27 ڀيرا ذڪر ٿيل آهي ۽ ماڻهو ايل جي بي ٽي ڪيو جي موضوغ کي ننڍو سمجهندي ائين ئي اڏاري ڇڏيندا آهن.
فيشن ڊيزائنر دعويٰ ڪئي ته انڊسٽري ۾ 80 سيڪڙو ماڻهو ايل جي ٽي ڪيو آهن.

MariaB FashionDesigner Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.