شارخ خان کي اهڙو ڇا ٿيو جو اسپتال داخل ڪرڻو پيو؟

بالي وُوڊ بادشاهه شارخ خان جي طبيعت سڌرڻ بعد کيس احمد آباد اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب شارخ خان انڊين پريميئر ليگ ٽي ٽوئنٽي پنهنجي ٽيم ڪولڪتا جي مئچ جي سلسلي ۾ ٻه ڏينهن لاءِ احمد آباد ۾ موجود هو.
شارخ خاب 21 مئي تي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ ڪولڪتا نائٽ رائيڊرز جو مئچ ڏٺو، ان موقعي تي ڪنگ خان سان سندس ڌيءَ سوهانا خان ۽ پٽ ابراهم به موجود هئا.
پهرين ڪوليفائر مئچ ۾ سپر اسٽار کي هيٽ اسٽروڪ ۽ ڊي هائيڊريشن سبب اسپتال داخل ڪيو ويو هو.
ڪنگ خان جي طبيعت خرابي جي خبر سامهون ايندي ئي گوري خان ۽ اداڪارا جوهي چاولا پنهنجي مڙس سان گڏجي عيادت لاءِ اسپتال پهتي هئي.

ShahRukhKhan KingKhan IPL2024

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.