ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل عرب امارتن کان قرض نه گڏيل سيڙپڪاري چاهيون ٿا، ڪستو ڀڃي ڇڏيو آهي، ان ڪستي سان اسان ڪٿان جا نه رهنداسين.
ابوظهبي ۾ آءِ ٽي ڪمپنين وچ ۾ ڀائيواري تي رائونڊ ٽيبل سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته يو اي اي جي باصلاحيت آءِ ٽي پروفيشنلز کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي، اهي معيشت جي سڀني شعبن جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته اسان گذريل اڍائي مهينن ۾ آءِ ٽي شعبي لاءِ قدم کنيا، ڪوشش آهي ته پاڪستان ۾ به ڊجيٽلائيزيشن جو عمل تيزي سان مڪمل ٿئي، يو اي اي سان گڏجي پاڪستاني معيشت کي مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، گڏيل عرب امارتن جو صدر پاڪستان جو عظيم دوست آهي، اسان يو اي اي کان قرض نه گڏيل سيڙپڪاري چاهيون ٿا.
shahbazsharif pakistan uae