عدِت ڪيس ۾ سزا خلاف عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي اپيلن تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت عدِت ۾ نڪاح واري ڪيس ۾ سزا خلاف پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
عدت ۾ نڪاح ڪيس جي سزا خلاف اپيلن تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج شاهه رخ ارجمند ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ بشريٰ بي بي جو وڪيل عثمان گِل ۽ وڪيل رضوان عباسيءَ جو مددگار عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي مددگار وڪيل چيو ته رضوان عباسي کي کي دليل ڏيڻا آهن، رڪارڊ به وٽس ئي آهي، جج بشري بي بي جي وڪيل عثمان گِل سان مڪالمو ڪندي چيو ته اوهان کي به ته دليل ڏيڻا آهن، پنهنجا حتمي دليل ڏيو.
سيشن جج رمارڪس ڏيندي چيو ته رضوان عباسي عدالت ۾ هر حال دليل ڏئي، هو وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجا دليل ڏئي.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدت ۾ نڪاح ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
ٻڌڻي دوران جج شاهه رخ ارجمند رمارڪس ڏنا ته ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ هو عدالت مان اُٿي پنهنجي چيمبر ۾ هليو ويو.
عدالتي عملي موجب، عدالت 29 مئي تي عدت ۾ نڪاح ڪيس جي اپيلن تي فيصلو ٻڌائيندي.

ImranKhan Iddatcase BushraBibi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.