شهدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) شھدادڪوٽ ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ ٻه ڏوهاري مارجي ويا.
واقعو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪار اسٽينڊ وٽ پيش آيو، جتي موٽر سائيڪل سوار ٽي هٿيار بند ڦر جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته اطلاع تي گشت ڪندڙ پوليس پهچي ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڦورن پوليس مٿان سڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن ۾ هڪ اهلڪار عبدالرسول سومرو ٿڏي تي مارجي ويو، واقعي بعد ڦورو فرار ٿي رهيا هئا ته پوليس پيڇو ڪري بگو روڊ وٽ گهيرو تنگ ڪيو ۽ مقابلو ڪري ٻن ڏوهارين کي ماري وڌو، جڏھن ته هڪ ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
shahdadkot sindh police