امتحانن ۾ نقل، سنڌ حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي يونيورسٽين ۽ بورڊز بابت وزير ميٽرڪ جي امتحانن ۾ نقل ۽ بدانتظامي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايندڙ سال کان سمورا امتحان سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪرايا ويندا.
محمد علي ملڪاڻي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن ميٽرڪ ۽ انٽر بورڊ جي لاڳاپيل آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
اجلاس ۾ ميٽرڪ امتحانن ۾ بدانتظامي ۽ بي قاعدگين تي آفيسرن کان جواب طلب ڪندي چيو ويو ته امتحانن ۾ غير شفافيت جون شڪايتون وصول ٿيون آهن، تنهن ڪري غير شفافيت جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
محمد علي ملڪاڻي آفيسرن کان امتحان پرائيويٽ سينيٽرن ۾ ڪرائڻ تي به جواب طلب ڪندي چيو ته بورڊ آفيسرن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي ۽ پرائيويٽ سينيٽرن ۾ ٻار سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ايندڙ سال کان پرائيويٽ سينيٽرن ۾ امتحان نه ڪرايا ويندا.
هن هدايت ڪئي ته ايندڙ سال کان سمورا امتحان سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪرايا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.