ڪراچي: (پ ر) دنيا جي خطرناڪ بيمارين مان هڪ مليريا کي منهن ڏيڻ لاءِ مليريا ڪنٽرول جي ڊائريڪٽوريٽ (DoMC) ۽ آغا خان يونيورسٽي مليريا جي خاتمي واري ڪنسورشيم اي ڪي يو ايم اي سي (AKU-MEC) پاران 2035 تائين مليريا جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هٿ ملايو ويو آهي.
آغا خان يونيورسٽي ڪراچي ۾ منعقد ٿيل سمپوزيم ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزارتن جي اڳواڻن اي ڪي يو ايم اي سي (AKU-MEC ) جي ماهرن سان گڏ، سڄي پاڪستان ۾ مليريا جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي ۽ رٿابندي ڪرڻ لاءِ گڏجاڻي ڪئي.
اي ڪي يو (AKU) جي پيٿولوجي ۽ ليبارٽري ميڊيسن جي شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر ايم عاصم بيگ جي اڳواڻي ۾ سمپوزيم پاڪستان ۾ مليريا جي خاتمي لاءِ گلائيڊ (GLIDE) منصوبي جو حصو هو.
سنڌ حڪومت جي صحت واري وزير ۽ اي ڪي يو ايم اي سي (AKU-MEC ) ۾ پيٽرن ان چيف ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته مليريا جي پکيڙ جي ذميوار ویکٹر نسلن جي دريافت سان اهو ضروري آهي ته وسيلن تي ویکٹر ريسرچ ٽيڪنالاجي ۽ موسمياتي تبديلي جي تجزيي سان گڏوگڏ ملڪ ۾ مليريا جي پکيڙ جو سبب بڻجندڙ عنصرن بابت اسان جي صحت جي ماهرن کي مجموعي ڄاڻ ڏني وڃي.
اي ڪي يو صدر ڊاڪٽر سليمان شهاب الدين تقريب کي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان کي 2035 تائين مليريا جي خاتمي جو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ هڪ ڏهاڪي کان به وڌيڪ وقت آهي. ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان اهو ڪم ڪري چڪا آهن. سري لنڪا سميت چين ۽ يو اي اي به اهو ڪري چڪا آهن. مان سمجهان ٿو ته پاڪستان مليريا خلاف جنگ ۾ پنهنجي ڀرپاسي وارن علائقن لاءِ به اميد جو ڪرڻو بڻجي سگهي ٿو.
مليريا کي منهن ڏيڻ ۾ صوبائي حڪومت جي ڪوششن سان اي ڪي يو ايم اي سي (AKU-MEC) ویکٹر سائنس جي تحقيق جي سهولت قائم ڪرڻ جي منصوبن جو اعلان ڪيو.
سائنسي ترقي ۽ عوامي صحت لاءِ اي ڪي يو جي عزم کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هي قدم (AKU ) اي ڪي يو لسبن ريسرچ انيشئيٽو جو بنيادي ڌيان هوندو.
ڪنسورشيم جي سرپرست ڊاڪٽر ايم عاصم بيگ چيو ته 2035ع تائين پاڪستان مان مليريا جي خاتمي جي چئلينج لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، هن مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ حڪومت، اسٽيڪ هولڊرز، ۽ صحت جي سار سنڀار جا ماهر سان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهيون.
ان موقعي تي اي ڪي يو (AKU) ۽ مليريا ڪنٽرول جي ڊائريڪٽوريٽ جي وچ ۾ مفاهمت جي هڪ ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن جيڪو قومي ڊيٽا جي حصيداري کي قابل بڻائي ٿو.
هن سهڪار جو مقصد مليريا جي خلاف جنگ ۾ قومي نگراني کي بهتر ڪرڻ لاء انفارميشن سسٽم، وڌيڪ اثرائتي ڊيٽا جي تجزيو ۽ فيصلي سازي آهي.
ايم اي سي (MEC) سمپوزيم مليريا جي خاتمي جي سفر ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل آهي جيڪو موجوده خلا تي روشني وجهڻ ۽ مرض بابت چئلينجز تي سماجي نقطه نظر کي تبديل ڪندو