موبائل فون جي استعمال تي ماءُ ڏنڊو هڻي ڌيءَ ماري ڇڏي!

ڀارت ۾ فون جي استعمال تي ماءُ سان جهيڙي ۾ ڌيءَ حياتي وڃائي ويٺي.
ڀارتي ميڊيا موجب واقعو راجسٿان رياست جي علائقي بنداياڪا ۾ پيش آيو، جتي 22 ورهين جي نيڪيتا سنگهه پنهنجي امتحان جي تياري بدران وڌيڪ وقت موبائل فون کي ڏئي رهي هئي.
نيڪيتا جي ان عادت کان تنگ سندس پيءُ کانئس موبائل کسي رکي ڇڏي ۽ کيس پڙهائي تي ڌيان ڏيڻ جو چيو پر نيڪيتا موبائل جو گهٽ استعمال ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن تي کيس فون واپس ڪئي وئي.
پيءَ موجب گذريل ڪجهه ڏينهن کان نيڪيتا وري موبائل فون جو وڌيڪ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي ڪري موبائل نيڪيتا کان وٺي سندس ماءُ حوالي ڪئي هئي.
پوليس ٻڌايو ته نيڪيتا ماءُ کان فون واپس وٺڻ جو ضد ڪيو ۽ ائين ٻنهي ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ماءُ کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ هن ڌيءَ کي زور سان ڏنڊو هنيو، جيڪو نيڪيتا کي مٿي ۾ لڳو ۽ هن دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس موجب مقتولا جي ماءُ کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي جاچ جاري آهي.

india mobile girl

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.