وسيم اڪرم سميت 54 ڄڻا ڪرڪيٽ آسٽريليا جا ملٽي ڪلچرل سفير مقرر

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊري فاسٽ بالر وسيم اڪرم کي ڪرڪيٽ آسٽريليا جو ملٽي ڪلچرل ايمبسيڊر مقرر ڪيو ويو آهي.
مجموعي طور ڪرڪيٽ آسٽريليا جي 54 سفيرن ۾ ڀارت جو روي شاستري،سريلنڪا جو رسل آرنلڊ ۽ بنگلاديش جي امين الاسلام به شامل آهن.
آسٽريليا جي ٽيسٽ اوپنر عثمان خواجا، فواد احمد، اسڪاٽ بولينڊ، وومينز ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان لسا اسٺاليڪر ۽ ميل جونز به ايمبسيڊر پروگرام جو حصو آهن.
ڪرڪيٽ آسٽريليا طرفان سمورن 54 ڄڻن کي ٻن سالن لاءِ سفير مقرر ڪيو ويو آهي.
ايمبسيڊر پروگرام تحت آسٽريليا ۾ ڏکڻ ايشيائي خطي سان واسطو رکندڙ رانديگرن، تماشائين ۽ ڪوچن کي ڪرڪيٽ جو هڪ واضح پاٿ وي ڏيکارڻ آهي.

WasimAkram CricketAustralia MulticulturalAmbassador

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.