ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) لنڪا پريميئر ليگ 2024ع جي پليئرز آڪشن ۾ مختلف ٽيمن پاڪستان جي ست رانديگرن جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون.
پي سي بي جي ٻن ليگز واري پاليسي سبب پاڪستان ٽيم جا وڏا نالا لنڪا پريميئر ليگ جو حصو نه بڻجي سگهيا آهن.
لنڪا پريميئر ليگ 2024 پهرين جولاءِ کان 21 جولاءِ تائين کيڏي ويندي جنهن لاءِ رانديگرن جي نيلامي ٿي جنهن ۾ پاڪستان جي افتخار احمد کي دمبولا ٺنڊرز پنجاهه هزار ڊالرز ۾ پِڪ ڪيو.
فاسٽ بالر محمد حسينن کي ٽيهه هزار ڊالرز ۾ بي لوو ڪينڊي حاصل ڪيو جڏهن ته وسيم جونيئر کي ڪولمبو اسٽرائيڪر 20 هزار ڊالرز ۾ خريد ڪيو.
ڪينڊي اعظم کان به پنجاهه هزار ڊالرز ۾ حاصل ڪري ورتو جڏهن ته سلمان علي آغا جون خدمتون ڏهه هزار ڊالرز ۾ حاصل ڪيون ويون آهن.
ان کانسواءِ فاسٽ بالر محمد علي ڏهه هزار ڊالرز ۾ بي لوو ڪينڊي جو حصو بڻيو، حيدر علي کي دمبولا ٺنڊرز پنجويهه هزار ڊالرز ۾ حاصل ڪيو.
پاڪستان جو شاداب خان پليئرز آڪشن کان اڳ ئي ڪولمبو اسٽرائيڪرز جو حصو بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا وڏا نالا لنڪا پريميئر ليگ ۾ آڪشن پِڪ نه ٿي سگهيا.
Lankapremierleague2024 PCB Pakistancricketteam