اسحاق ڊار جي ڊپٽي وزيراعظم طور مقرري خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شير افضل مروت جي اسحاق ڊار جي ڊپٽي وزيراعظم طور مقرري خلاف درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿي وئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس سڀاڻي شير افضل مروت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.
شير افضل مروت وڪيل رياض حنيف راهي ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.
درخواست ۾ وفاقي حڪومت، ڪابينا ڊويزن سيڪريٽري، وزيراعظم ۽ اسحاق ڊار کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ چيو ويو ته اسحاق ڊار اڳ ئي پرڏيهي وزير طور ڪم ڪري رهيو آهي، وزيراعظم جي منظوري سان اسحاق ڊار جي ڊپٽي وزيراعظم طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، ڊپٽي وزيراعظم جي عهدي کان پاڪستان جو آئين اڻ واقف آهي، اسحاق ڊار جي ڊپٽي وزيراعظم طور مقرري جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته درخواستگذار کي اهو معاملو عدالت سامهون رکڻ تي معاوضو ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.