موسيٰ گيلاني کي ڌمڪي وارا ميسيج موڪليندڙ جوابدار گرفتار

ملتان (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ۽ سندس پٽ ايم اين اي موسيٰ گيلاني کي ڌمڪي وارا ميسيج موڪليندڙ جوابدار خانيوال مان گرفتار ڪيو ويو.
3 ڏينهن اڳ علي موسيٰ گيلاني کي سندس پيءُ يوسف رضا گيلاني جي موبائل فون تي ڌمڪي وارو پيغام مليو هو.
ذريعن موجب پيغام ۾ اهو چيو ويو هو ته علي موسيٰ گيلاني ماڻهن کي تمام گهڻو تنگ ڪري رهيو آهي.
واقعي جو ڪيس ملتان جي ڪينٽ ٿاڻي تي علي موسيٰ گيلاني جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو.

alimusagillani ppp yusufrazagilani

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.