قومي فٽبال ٽيم ۾ پاڪستاني ڄائو برطانوي فٽبالر شامل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان فٽبال ٽيم ۾ برطانيا سان واسطو رکندڙ اهم رانديگر شامل ٿي ويو آهي.
پاڪستاني ڄائي برطانوي فٽبالر ميڪائيل عبدالله قومي اسڪواڊ ۾ شامل ٿي ويو آهي، 18 ورهين جي اسٽرائيڪر برطانوي ڪلب مينسفيلڊ ٽائون جو حصو آهي.
ميڪائيل عبدالله جو ڳاڻيٽو برطانيا ۾ بهترين ايشيائي فٽبالرن ۾ ٿيندو آهي، هو سعودي عرب خلاف هوم ۽ تاجڪستان خلاف اووي ميچ لاءِ پاڪستان ٽيم کي دستياب هوندو.
پي ايف ايف ان کان اڳ پاڪستاني ڄائي برطانوي آدم خان جي شموليت جي پڻ تصديق ڪري چڪو آهي، انجري سبب پهرين ميچ ۾ حصو نه وٺندڙ آدم خان ۽ محمد فضل جي به ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.
ميڪائيل عبدالله ۽ آدم خان ٻئي برطانيا کان پاڪستان پهچي چڪا آهن، ٻنهي اسلام آباد ۾ ڪوچ کي رپورٽ ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستاني ڄائي برطانوي فٽبالر عيسيٰ سليمان حج جي ادائيگي سبب پاڪستاني ٽيم کي دستياب نه هوندو.

#PFF #Pakistanfootballteam #football

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.