گيلاني خاندان چونڊن جي تاريخ جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو

ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي گيلاني خاندان جي 4 ڀائرن اسيمبلي ميمبر بڻجي نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
اين اي 148 ملتان جي ضمني اليڪشن ۾ پ پ اميدوار سيد علي قاسم گيلاني جي ڪامياب ٿيڻ سان پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ٻيو منفرد رڪارڊ به قائم ٿي ويو، ٽي ڀائر قومي اسيمبلي ۽ چوٿون ڀاءُ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر بڻجي ويو.
سيد علي قاسم جا ٻه ڀائر سيد علي موسيٰ گيلاني ۽ سيد عبدالقادر گيلاني قومي اسيمبلي جا ميمبر آهن، جڏهن ته هڪ ڀاءُ سيد علي حيدر گيلاني پنجاب اسيمبلي جو ميمبر آهي، ائين يوسف رضا گيلاني پاڻ سينيٽر ۽ سندس چارئي پٽ اسيمبلي ميمبر بڻجي ويا آهن.
سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي قاسم گيلاني اين اي 148 جي سيٽ پنهنجي پيءَ طرفان استعيفيٰ کانپوءِ خالي ٿيڻ تي ٻيهر حاصل ڪئي آهي، گذريل اسيمبلي ۾ هڪ موقعي تي ان خاندان جو ڪو ميمبر موجود نه هو.

#PPP #yusufrazagilani #pakistanpeopleparty

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.