انجيلو ميٿيوز پاران ٽيم ۽ ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي سريلنڪن ڪپتان انجيلو ميٿيوز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، انجيلو ميٿيوز ريٽائرمينٽ کانپوءِ آسٽريليا جي شهر ميلبورن شفٽ ٿي ويندو.

رپورٽن موجب، انجيلو ميٿيوز ميلبورن ۾ گهر خريد ڪيو آهي، هو مستقبل ۾ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ ميلبورن رهائش اختيار ڪندو.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ٽنهي فارميٽن ۾ سريلنڪن ٽيم جي قيادت ڪندڙ انجيلو ميٿيوز ايندڙ مهينيويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرڊ ٿيڻ جو ارادو رکي ٿو.

#Angelomathews #SrilankaCricket #Icct20worldcup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.