سنڌ ۾ عيدالاضحيٰ جو سيڪيورٽي پلان طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار آءِ جي کان عيدالاضحيٰ جو سيڪيورٽي پلان طلب ڪري ورتو.
ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته سمورن رجسٽرڊ فلاحي ۽ سماجي ادارن ۽ ٻين کي ضابطن جو پابند بڻايو وڃي ۽ قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ ۽ منتقلي جي اجازت نامن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي.
هن چيو ته مرڪزي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر تان نگران کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي، زونل ضلعي ڪنٽرول رومز ۽ ٿاڻن جا وائرليس ڪنٽرول رومز رابطا وڌيڪ اثرائتا بڻايا وڃن.
سندس چوڻ هو ته مسجدن، عيدگاهن ۽ امام بارگاهن جي فهرستن جو جائزو ورتو وڃي، سادي لباس اهلڪارن تي ٻڌل نگران ٽيمون به جوڙيون وڃن.

#eiduladha #Sindh #ziaulhassanlanjar

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.