هنگري ۾ پاڪستاني باڊي بلڊرز وڏو ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو، يورپين باڊي بلڊنگ چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان ٻه ميڊلز کٽي ورتا.
پاڪستان جي ارسلان بيگ سلور ۽ شهزاد قريشي برانز ميڊل کٽيو، ارسلان بيگ اسپورٽس فزيڪ ۽ شهزاد قريشي 90 ڪلو گرام ۾ ميڊل کٽيو.
پاڪستان باڊي بلڊنگ فيڊريشن جي سيڪريٽري سهيل انور چيو ته پاڪستان پهريون ڀيرو يورپين باڊي بلڊنگ چيمپيئن شپ ۾ حصو ورتو ۽ ميڊلز کٽيا.
#Pakistan #europeanbodybuildingchampionship #bodybuilding