ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن کي هر قسم جي مدد جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.
پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بشڪيڪ ۾ پاڪستاني شاگردن جي تحفظ لاءِ يقيني قدم کنيا وڃن، پاڪستاني سفارتخانو به شاگردن سان رابطو يقيني بڻائي.
هن چيو ته شاگردن جي پاڪستان ۾ موجود وارثن تائين درست ڄاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، يقين آهي ته ڪرغزستان حڪومت پنهنجي سرزمين تي پاڪستانين جو خيال رکندي.
#bilawalbhuttozardari #bishkek #PPP