پنو عاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پني عاقل ڀرسان ڳوٺ ۾ چُلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب ڪيترائي گهر سڙي رک ٿي ويا.
ڳوٺ اُرل چاچڙ ۾ ڳوٺ اُرل چاچڙ ۾ چلھه مان چڻنگ اٿڻ سبب باهه ڪکاون گھرن کي وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻن مھراب علي، ليمون، نٿو چاچڙ، مصري چاچڙ، مهراب، گل محمد، سونو ميهار، بخشيو، الاھي بخش سميت ٻين جا گهر سڙي ويا.
باھ جي نتيجي ۾ گھرن ۾ پيل اناج، ھنڌ، بسترا، کٽون، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو، جڏهن ته چوپايو مال به سڙي زخمي ٿيو.
ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطي جي ڪوشش ڪئي، اطلاع تي فائر برگيڊ عملي پھچي باھه تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو.
باهه ۾ گهر سڙي وڃڻ کانپوءِ ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن ۽ انهن اعليٰ اختيارين کان واهر جي اپيل ڪئي آهي.
#Panoakil #Sindh #Sukkur