پشاور(ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ سان اتحاد جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
بهڪر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته چونڊن ۾ حڪومتن جو ڪو رول ناهي هوندو، اليڪشن ڪميشن جو رول هوندو آهي، جنهن لاءِ اليڪشن جو رول هو، انهن رول ادا نه ڪيو، جنهن جو رول نه هو ان ادا ڪيو.
مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سان گڏجي ويهنداسين ته خبر پوندي اتحاد ٿئي ٿو يا نه، اسان وٽ آئين موجود آهي، اسان چاهيون ٿا ان تي عمل ٿئي.
هن چيو ته اسان جي چونڊن ۽ نظام ۾ فوج ڇو مداخلت ڪندي آهي، ملڪ کي جيڪڏهن سٺي نموني سان هلائڻو آهي ته سياسي حڪومت کي آڻڻو پوندو ۽ بيوروڪريسي کي آزاد ڪرڻو پوندو.
Next Post
You might also like