بيٽريون هزارين رپيا سستيون ٿي ويون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سولر پينلز کانپوءِ ملڪ ۾ بيٽرين جي اگهن ۾ به هزارين رپين تائين گهٽتائي ٿي وئي.

نه رڳو يو پي ايس پر گاڏين جي بيٽرين جي اگهن ۾ به گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي آهي.

واپارين موجب يو پي ايس بيٽرين جي قيمتن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽتائي آئي آهي.

يو پي ايس جي بيٽري جي قيمت 38 هزار روپيا هئي، هاڻي ساڳي بيٽري جي قيمت 33 هزار روپيا آهي.

اهڙي طرح 110 وولٽ جي بيٽري جيڪا 2 پکن ۽ بتين لاءِ استعمال ٿيندي هئي، جيڪا اڳ 23 هزار روپين ۾ ملندي هئي، هاڻي اها 20 هزار روپين ۾ ملي ٿي.

ان جي باوجود عوام وٽ خريداريءَ جي طاقت نه هئڻ سبب اهي پراڻيون بيٽريون خريد ڪرڻ تي مجبور آهن ڇاڪاڻ ته قيمتون ايتريون گهٽ نه ٿيون آهن جيترو وڌيون هيون.

#osakabattries #solarsystem #greenenergy

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.