اونهاري جي موڪلن جو اعلان، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت گرمين جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو، تعليم کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ موڪلون پهرين جون کان شروع ٿينديون، موڪلون 14 آگسٽ تائين جاري رهنديون، اسڪول ايجوڪيشن کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

گرمي جي شدت وڌڻ تي اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ پاران سومر کان خميس تائين اسڪول صبح 7 وڳي شروع ٿيندا 11:30 وڳي اسڪول بند ڪيا ويندا.

پنجاب جي تعليم واري وزير جو چوڻ آهي ته وڌندڙ گرمي کي نظر ۾ رکندي اسڪولن جي ڪم جي ڪلاڪن ۾ تبديلي سٺي ڳالهه آهي.

#schooleducation #summervacations #federaleducation

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.