لاهور (ويب ڊيسڪ) وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز ايليٽ فورس جي وردي پائي پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ شرڪت ڪئي ۽ اهلڪارن سان خطاب به ڪيو.
مريم نواز ايليٽ فورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي چيو ته آءِ جي پنجاب پوليس م تبديليون آڻي پيو، جيڪا به ضرورت هوندي اها پوري ڪنداسين.
مريم نواز جو چوڻ هو ته پوليس وارا ملڪ جي ان خوشنصيب ماڻهن ۾ آهن جن کي وردي پارائي ملڪ جي خدمت جو موقعو ڏنو ويندو آهي.
وزير اعليٰ پنجاب جي صدارت ۾ ايليٽ فورس هيڊڪوارٽرز ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي پنجاب امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي سائبر ڪرائيم انويسٽي گيشن ٽريننگ مڪمل ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته ان کان پهريان مريم نواز جي پنجاب پوليس جي وردي پائڻ تي ڪجهه ماڻهن تنقيد ته ڪجهه ماڻهن واکاڻ به ڪئي هئي.
You might also like