پي ٽِي آءِ باني جا حق ياد رکڻ واري عدليا ماضي جي ظلمن جو به ازالو ڪري:خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجا محمد آصف جو چوڻ آهي ته سليڪٽو جسٽس انصاف نه بدديانتي ۽ انصاف جو قتل هوندو.
بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل جاويد جي بيان تي ردعمل ڏيندي لکيو ته منصف جو مزاج، پسند نا پسند، وقت ۽ موسم انصاف تي نظرانداز نه ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته نواز شريف سان پي ٽي آءِ باني ۽ ان جي سرپرست عدليا ۽ اسٽيبلشمنٽ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو تاريخ جو ڪارو باب آهي، جڏهن اهي مڪافات عمل جي گرفت ۾ آيا آهن ته نواز شريف تي پابندي ياد آئي آهي.
خواجا آصف جو چوڻ هو ته پي ٽِي آءِ باني جا حق ياد رکڻ واري عدليا ماضي جي ظلمن جو به ازالو ڪري.
واضح رهي ته فيصل جاويد چيو هو ته نواز شريف کي ٽي وي چينل تي ڏيکارڻ واري پابندي غلط هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.