اهڙو سڻڀ جيڪو ساليانو 5 لک ماڻهو ماري ٿو !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل  آهي جتي صنعتي سطح تي تيار ٿيل چرٻي يا صحت لاءِ هاڃيڪار سڻڀ جي استعمال سان ملڪ جي آبادي جو وڏو حصو خطري ۾ آهي.

عام طور تي صنعتي سطح تي تيار ڪيل هن سڻڀ کي ڪوڪنگ آئل، بيڪري شين ۽ پيڪ ٿيل غذائن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.

اهو خطرو هاڻي ظاهر نه ٿيو آهي پر 2018 ۾ ئي عالمي اداري هاڃيڪار فيٽي ايسڊ کي 2023 تائين ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو

ان فيٽي ايسڊ سان دل جون بيماريون ٿين ٿيون جنهن سبب  فوت ٿيلن جو انگ ساليانو 5 لک ٿي ويو آهي

متاثر ملڪن ۾ آسٽريليا، آذربائيجان، ڀوٽان، ايڪواڊور، مصر، ايران، نيپال، پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا شامل آهن

صحت جي عالمي اداري انهن ملڪن ۾ بهترين احتياطي اپائن تي عمل ڪرڻ لاءِ فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي

ٻئي پاسي 43 ملڪ اهڙا آهن جن ٿولهه تي ڪنٽرول آڻڻ لاءِ بهترين احتياطي اپاءَ ورتا آهن پر دنيا جو اڌ کان وڌيڪ حصو اڃان به خطري هيٺ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.